جعفري علي سردار

جعفري، علي سردار: هندستان جي نامياري ترقي پسند اديب، اردو شاعر، نقاد ۽ گيت نگار، علي سردار جعفري 1916ع ڌاري شهر اتر پرديش جي هڪ امير گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن شاعريءَ ۾ جوش مليح آبادي، جگر مراد آبادي ۽ فراق گورکپوريءَ جو ڪافي اثر قبول ڪيو. 1933ع ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ ترت ئي ڪميونسٽ نظريو اختيار ڪرڻ ڪري کيس يونيورسٽيءَ مان خارج ڪيو ويو. 1938ع ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين ۽ ان بعد لکنئو يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. 41-1940ع ۾ جنگ مخالف نظم لکڻ تي گرفتار ٿيڻ ڪري، پوسٽ گريجوئيشن نه ڪري سگهيو. هو ناميارو افسانه نگار ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس افسانن جو پهريون مجموعو ’منزل‘ 1938ع ۾ ڇپيو. 1944ع ۾ سندس شعري مجموعو ’پرواز‘ شايع ٿيو. 1939ع ۾ ترقي پسند مصنفين جي مشهور رسالي ’نيا ادب‘ جو شريڪ ايڊيٽر ٿيو. علي سردار جعفريءَ ڪيترين سماجي، سياسي ۽ ادبي تحريڪن ۾ سرگرم حصو ورتو. 20 جنوري 1949ع ۾ ڀونڊيءَ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي هڪ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ تي گرفتار ٿيو، بمبئي رياست جي وزيراعليٰ مورا ڊيسائيءَ ڪانفرنس تي پابندي وڌي هئي. فلمي گيت لکڻ جي حوالي سان به سندس وڏو نالو آهي. ’ڌرتي ڪي لال‘ ۽ ’پرديسي‘ فلمن جا گيت سندس لکيل آهن. 78-1948ع دوران هن جي شاعريءَ جا 8 مجموعا شايع ٿيا، جن ۾: ’نئين دنيا ڪو سلام‘، ’خون ڪي لڪير‘، ’امن ڪا ستاره‘، ’ايشيا جاگ اٺا‘، ’پٿر ڪي ديوار‘، ’ايڪ خواب اور پيراهن‘، ’شرر‘ ۽ ’لهو پڪارتا هي‘ شامل آهن. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ’اوڌ ڪي خاڪ حسين‘، ’شب فردا‘، ’ميرا سفر‘ به شايع ٿيا. سندس آخري مجموعو ’سرحد‘ شايع ٿيو. هن پنهنجي ادبي ڪيريئر دوران ڪبير، مير ۽ غالب جي شاعريءَ تي هڪ ڪتاب لکيو. انڊين پيپلز ٿيٽر ايسوسيئيشن لاءِ ڊراما لکيائين. فراق گورکپوري ۽ قرت العين حيدر کانپوءِ ’جين پيٺ اوارڊ‘ حاصل ڪرڻ وارو، هي اردو جو ٽيون شاعر آهي. 1997ع ۾ حڪومت پاڪستان کيس اقباليات تي ڪم ڪرڻ جي صلي ۾ گولڊ ميڊل ڏنو. هن 1999ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.00.00  عيسوي

علي سردار جعفري 1916ع ڌاري شهر اتر پرديش جي هڪ امير گهراڻي ۾ جنم ورتو .


1999.00.00  عيسوي

علي سردار جعفري 1999ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريـم پارڪـري پـارو مل پريمي
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي
مولانا محمد شيدا چنجڻي
سليمان خان ٽالپر
جوهر شوڪت علي مولانا
پنجل مير بحر
الاهي بخش ٻانڀڻ
جان محمد عرف جهورو خان
حڪيم قائم الدين مهر
ٻوڌراج ٻوڌ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون